اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجلي 9 رپيا 89 پئسا في يونٽ مهانگي،100 ارب اضافي اوڳاڙيا ويندا

اسلام آباد :نيشنل اليڪٽرڪ ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ملڪ ۾ بجلي جي اگهن ۾ 9 رپيا 89 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
بجلي صارفين تي هڪ مهيني ۾ 100 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو. ڪالهه نيپرا ۾ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست تي شنوائي ٿي. سي پي پي اي جون جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي قيمت ۾ 9 رپيا 89 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي. سي پي پي اي چيو ته گذريل مهيني 13 ارب يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، پيدا ٿيل بجلي جي قيمت 213 ارب رپيا هئي. فرنس آئل مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت 36 رپيا 20 پيسا، ڪوئلي جي 20 رپيا 80 پيسا، لوڪل گيس جي قيمت 8 رپيا 92 پيسا هئي. ايل اين جي مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت 28 رپيا 38 پئسا في يونٽ رهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايران مان 19 رپيا 57 پئسا في يونٽ بجلي درآمد ڪئي وئي، پاور لائين لاسز سبب 42 پئسا في يونٽ مهانگو ٿيو. شنوائي کانپوءِ نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 9 رپيا 89 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد لاڳو ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي صارفين تي هڪ مهيني ۾ 100 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو. بجلي جي اگهن ۾ واڌ لائف لائن ۽ ڪراچي شهرين کانسواءِ سمورن صارفين تي لاڳو ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button