پاڪستانسنڌ

گجي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيٺل، سم نالا ابتا وهڻ لڳا، لڏپلاڻ

گجو(رپورٽ: ذاڪر شاھه) گجي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي، ڪيترن ئي ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو ئي ڪٽيل آھي، وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا ڪوھستاني علائقن ڏانھن پاڻمرادو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، تيز برساتن جي اڳڪٿي باوجود انتظاميه پاران اڳواٽ اپاءُ نه وٺڻ سبب يونين ڪائونسل گجي، گلمنڊا، جنگشاھي ۽ پليجاڻي يوسي جا ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آھن، واھن ۽ سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ توڙي سم نالن جا بند مضبوط نه ڪرڻ سبب سم نالا برساتي پاڻي ڪڍڻ بدرانِ ابتا وھڻ لڳا آھن، تازين برساتن بعد برساتي توڙي زمينن جو پاڻي وسندين ۾ ڪاھي پوڻ سبب ڳوٺ علي محمد ڪاتيار، ڳوٺ علو جمعدار، ڳوٺ پنيلڌو خاصخيلي، کاريسير سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي گھرن ۾ اچي وڃڻ سبب علائقي واسي پاڻ مرادو پاڻي جھاڳي لڏا کڻي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي ويا آھن.

جڏھن ته رين ايمرجنسي باجود حڪومتي سطح تي ماڻھن جي رليف لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيل آھن، حڪومتي وزير ۽ ڪامورن جا دورا رڳو قومي شاھراھه سان لڳ وسندين ۽ شھرن تائين محدود آھن، ھيٺياهين وارن علائقن جا ماڻھو ويل ۾ اچي ويا آھن، ڪيترن ئي ڳوٺن جي رستن تي پاڻي بيٺل ھجڻ سبب وسندين جو شھر سان زميني رابطو ئي ڪٽيل آھي، علائقي واسين بلاول ڪاتيار، مور ڪاتيار، اڪبر جوکيو، ابوبڪر جوکيو، ڪريم خاصخيلي، مقبول ميربحر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته گھرن ۾ پاڻي اچڻ سبب رڌپچاءُ نه ٿي سگھڻ ڪري ٻچا بک تي راتيون گذاري رهيا آهن پر انتطاميه پاران سار نه لڌي ويئي آھي، ھنن ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل اختيارين جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته ڳوٺن ۾ به انسان رھن ٿا، خدارا سندن مالڪي ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button