اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس اجلاس اڌ ۾ ڇڏي ڏنو،فيصلا مڙهي نٿو سگهي:جسٽس فائز

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال کي خط لکيو آهي.
خط ۾ هن چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن ۾ ججن جي مقرري جي حوالي سان ٿيندڙ فيصلي کي فوري طور تي ميڊيا ۾ جاري ڪيو وڃي.قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ججن جي مقرري لاءِ چيف جسٽس طرفان پيش ڪيل نالن تي تفصيلي غور ٿيو. مون سميت 5 ميمبرن سنڌ جي ٽن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ جونيئر جج جو نالو رد ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته جسٽس طارق مسعود، اعظم نذير تارڙ، اشتر اوصاف ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي اختر حسين به نالا رد ڪيا. سندس موجب پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پنجن ئي هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز ۾ جونيئر آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو نالو انهن چيف جسٽسز کانپوءِ پيش ڪيو وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ وڌيڪ لکيو ته اجلاس ۾ طئي ٿيو ته آئين ڪنهن جاءِ جي اڳواٽ مقرري جي اجازت نٿو ڏئي. چيف جسٽس آف پاڪستان طور چيئرمين، ڪميشن تي پنهنجا فيصلا نٿو مڙهي سگهي. چيف جسٽس اوچتو جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ڇڏي هليو ويو. جسٽس اعجاز الاحسن به اجلاس مان اٿي هليو ويو. هن خط ۾ لکيو آهي ته جڊيشل ڪميشن جو سيڪريٽري موڪلن تي آهي. قائم مقام سيڪريٽري اجلاس جي فيصلن بابت ميٽنگ منٽس ٻڌائي. قوم جون نظرون جڊيشل ڪميشن جي اجلاس تي آهن، اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت ڄاڻڻ عوام جو آئيني حق آهي، جڊيشل ڪميشن اجلاس بابت ميڊيا ۾ غير ضروري اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ لکيو آهي ته جڊيشل ڪميشن سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 4 ججن جا نالا رد ۽ هڪ نالي تي ڪو فيصلو نه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button