اسلام آباد :پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف عوامي رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت کان آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لا صدارتي ريفرنس موڪلڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. جڏهن ته حڪمران اتحاد ۽ پي ڊي ايم چيو آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. اليڪشن ڪميشن 8 سالن کان هلندڙ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي، جنهن ۾ اسرائيل ۽ ڀارت جي شهرين جي فنڊنگ شامل آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، آفتاب شيرپائو، پروفيسر ساجد مير، شاهه اويس نوراني به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ محمود خان اچڪزئي وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. جڏهن ته ن ليگ قائد نواز شريف به وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ذريعن موجب پي ڊي ايم ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف عوامي رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو. پي ڊي ايم طرفان اليڪشن ڪميشن کان پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو به جلد ٻڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته لاڏلي جو چئن سالن جو گند اسان تي وڌو ويو، پهرئين ڏينهن کان ئي حڪومت ۾ اچڻ جو مخالف هيس. اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته رڳو ملڪ بچائڻ لاءِ حڪومت ۾ اچڻ قبول ڪيو. ان کان اڳ ذريعن جو چوڻ هو ته نواز شريف پارٽي قيادت سان مرڪز ۾ حڪومت ڇڏڻ جي آپشن تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب نواز شريف جي پارٽي قيادت سان وقت کان اڳ چونڊن جي آپشن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.نواز شريف پي ڊي ايم اڳواڻن ۽ شهباز شريف سان ڪيترائي ڀيرا وقت کان اڳ چونڊن ۽ حڪومت ڇڏڻ جي آپشن تي ڳالهه ٻولهه ڪري چڪو آهي پر آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين حڪومت ڇڏڻ جي مخالفت ڪئي آهي. ذريعن موجب نواز شريف جو چوڻ آهي ته حڪومت ۾ رهڻ وڌيڪ مسئلن جو اشارو ڏئي رهيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته فل ڪورٽ جو مطالبو رد ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته فيصلو ناانصافي تي ٻڌل هو. جيڪڏهن ناانصافي نه ٿئي ها ته فل ڪورٽ ٺاهڻ ۾ ڪو عار نه هو. هن چيو ته غلطي ۽ ان جي اصلاح ٻئي عمران خان جي حق ۾ آهن، جيڪڏهن غلطي درست ڪرڻي هجي ها ته پاناما ڪيس ۾ سڌارو اچي ها، لاڏلي کي نوازڻو هو، ان ڪري فل ڪورٽ نه ٺاهيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان عدليا جي فيصلي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي تجويز به ڏني. هن چيو ته هاڻي اسان کي واضح رستي تي هلڻو آهي، راند جي سڀني ڪردارن بابت به ڄاڻڻو پوندو. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان پ پ ۽ اي اين پي کي باقاعدي طور پي ڊي ايم ۾ واپسي جي دعوت ڏني. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمرا خان خان جو گند هڪ سال ۾ صاف ڪرڻو ڏکيو آهي، عمران خان نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جو اجلاس وڌيڪ ڪجهه ڏينهن جاري رهندو، سياسي جماعتن جي راءِ وٺي گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ساک بچائڻ اسان لاءِ چئلينج آهي، اليڪشن ڪميشن فوري طور فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي، ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کان پنهنجا اڪائونٽ لڪايا. مولانا وڌيڪ چيو ته فل ڪورٽ ذريعي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيو ويندو ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي افراتفري ۽ سياسي ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن 8 سالن کان هلندڙ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي، جنهن ۾ اسرائيل ۽ ڀارت جي شهرين جي فنڊنگ شامل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close