پاڪستانسنڌ

سانوڻ ميلي تي تڪرار،ڪجهه ماڻهو محرم بهاني تنقيد ڪن پيا:خليل ڪنڀار

ننگرپارڪر :ھاڪڙو ادبي فورم طرفان 20 ۽ 21 آگسٽ تي پنھنجي مدد پاڻ تحت ننگرپارڪر ۾ ميلو لڳائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون. ھاڪڙو ادبي فورم جي اڳواڻ خليل ڪنڀار ۽ ٻين چيو ته ننگرپارڪر ۾ آگسٽ مھيني ۾ سانوڻ ميلو نالي ھڪ ادبي پروگرام ڪري رھيا آھيون، جنھن ۾ ملڪ جا اديب، شاعر، ليکڪ شرڪت ڪندا. ھنن چيو ته ڪو به سرڪاري ماڻھو ميلي جو افتتاح يا تقريب کي خطاب نه ڪندو، باقي ميلي ۾ اچڻ لا ڪنھن تي به پابندي ناھي.سڀني جي اسان گڏجي آجيان ڪنداسين. خليل ڪنڀار واضح ڪيو ته ميلو 10 محرم کانپو 20 ۽ 21 آگسٽ تي لڳائي رھيا آھيون، ڪجهھ ماڻھو محرم جو بھانو بڻائي ميلي تي تنقيد ڪري رھيا آھن. ٻئي طرف ننگرپارڪر جي نوجوانن بشير احمد کوسو، امداد کوسو، شبير احمد،منصور علي، فرقان کوسو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو مطالبو آھي ته محرم مھينو پورو شھادتن ۽ ڏک جو مھينو آھي، ان ڪري سانوڻ ميلو محرم مھيني جي ختم ٿيڻ بعد لڳايو وڃي. ھنن چيو ته اسان ميلي جا مخالف ناھيون پر ميلو محرم مھيني ۾ لڳو ته اسان ميلو لڳائڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button