پاڪستان

آرمي چيف جي فون مان ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي: عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته جنرل باجوا آمريڪين کي فون ڪري رهيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ذريعي مدد ڪريو، ان جو مطلب آهي ته اسان ڪمزور ٿيندا پيا وڃون، ٽنهي پارٽين جي فارن فنڊنگ جا ڪيس گڏ ٻڌا وڃن، سڄي دنيا ۾ اهڙي نموني فارن فنڊنگ ڪئي ويندي آهي. خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته آرمي چيف طرفان آءِ ايم ايف کان قرض جي فوري ادائيگي واري معاملي تي آمريڪا کي فون ڪرڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ معاشي طور ڪمزور ٿيندو پيو وڃي نه ته آرمي چيف جو اهو ڪم ناهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ملڪ جي موجودا صورتحال ۾ مدد ڪندو ته ڇا هو پنهنجي ڊمانڊ نه رکندو، خطرو آهي ته ملڪ جي سيڪيورٽي ڪمزور ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button