اسلام آبادپاڪستان

گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي ماهوار 25 لک پگهار،ٻيا بل به سرڪار جي ذمي

اسلام آباد : گورنر اسٽيٽ بينڪ جي پگھار ۽ مراعتن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا. هن وقت گورنر اسٽيٽ بينڪ جو عهدو خالي آهي، ۽ مرتضيٰ سيد وقتي گورنر اسٽيٽ بينڪ جون ذميواريون سنڀالي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي گورنر رضا باقر جي پگھار ۽ مراعتن جا تفصيل پيش ڪيا ويا، جنهن موجب گورنر اسٽيٽ بينڪ کي 25 رپيا ماهوار پگھار ملندي هئي، جنهن ۾ سالياني 10 سيڪڙو واڌ به شامل آهي. ان کانسواءِ مڪمل فرنشڊ گھر، ٻه گاڏيون گڏ 1200 لٽر پيٽرول ۽ ڊرائيور، 4 گھريلو ملازمن جي پگھار، بجلي، گيس، پاڻي جا بل ۽ جنريٽر جي ٻارڻ جو خرچ، ٻارن جي اسڪول فيس جو 75 سيڪڙو حصو به اسٽيٽ بينڪ ادا ڪندي آهي. لينڊ لائن، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ به مفت فراهم ڪئي ويندي آهي. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب گورنر اسٽيٽ بينڪ جي ضرورت موجب 24 ڪلاڪ سيڪيورٽي گارڊ ۽ سيڪيورٽي سسٽم ڏنو ويندو. مڪمل طبي سهولتون ڏنيون وينديون آهن، هر مهيني ٽي موڪلون ۽ ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي ڇهه مهينن تائين موڪل سان گڏ انڪيشمينٽ جي سهولت ڏني وئي آهي. آخري ورتل پگھار تي سروس جي هر پڄاڻي واري سال تي هڪ مهيني جي پگھار ملندي آهي، ڪنٽري بيوٽري پرايڊنٽ فنڊ پگھار جو 8 سيڪڙو هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button