اسلام آبادپاڪستانسنڌ

مراد شاهه جي نااهلي لاءِ داخل نظرثاني درخواست شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهليءَ لاءِ داخل نظرثاني واري درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ 2 آگسٽ تي نظرثاني درخواست تي شنوائي ڪندي. بينچ جي ٻين ججن ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر شامل هوندا. سپريم ڪورٽ طرفان ڪيس جي ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته نظرثاني درخواست ۾ روشن علي ٻرڙو ٻٽي شهريت جي بنياد تي مراد علي شاهه جي نااهلي جي گذارش ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button