اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي 3 مريض فوت،176 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد : نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 19 هزار 236 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. گذريل ڏينهن اين آءِ ايڇ طرفان ٽوئٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 هزار 236 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 605 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ۾ ڪيل ڪرونا ٽيسٽن جي پازيٽو اچڻ جي شرح 3 ڏهائي 15 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪرونا وائرس سبب 3 مريض فوت ٿيا. جڏهن ته 176 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button