اسلام آبادپاڪستان

فارن فنڊنگ جو فيصلو ٻڌايو ويندو،دٻاءُ وڌو پيو وڃي:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد:تحريڪ انصاف جي الزامن تي اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان هيل تائين ڪيترين ئي پارٽين جا نمائندا ملي چڪا آهن. اليڪشن ڪميشن ۾ سمورا پارليامينٽيرين چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪندا رهيا آهن. ذريعن موجب ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پي ٽي آءِ جي وزيرن ۽ اڳواڻن ملاقاتون ڪيون. شاهه محمود قريشي به ڪجهه هفتا اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات ڪئي ۽ تازو همايون اختر چيف اليڪشن ڪمشنر سان مليو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي جي گهرج آهي ته جيڪو پارٽي نمائندو ملڻ چاهي آفيس ۾ ملي. پي ڊي ايم وفد اڪيلي چيف اليڪشن ڪمشنر سان نه مليو پر سڄي اليڪشن ڪميشن سان ملاقات ڪئي، جيڪا معمول جي ڳالهه آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن نه گذريل حڪومت جي اثر هيٺ آئي نه موجوده حڪومت جي اثر هيٺ ايندي.اليڪشن ڪميشن ذريعن سوال اٿاريو ته هڪ پارٽي ملاقاتون ڪري ته ٺيڪ ٻيون پارٽيون ڪري ته غلط؟ پي ٽي آءِ پاڻ سڀني کان وڌيڪ ملاقاتن جو رڪارڊ رکندي ائين ڇو ڪري رهي آهي؟ ذريعن موجب ٻار ٻار ڄاڻي ٿو ته فارن فنڊنگ ڪيس محفوظ ٿي چڪو آهي، هاڻ فيصلو ٻڌايو ويندو. اهو اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ ۽ اثر وجهڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. فيصلو قانون ۽ ميرٽ موجب ايندو ڀلي ڪير ڪيترو به گوڙ ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button