پاڪستانسنڌ

وزيراعظم پي ٽي آءِ فنڊنگ بابت جي آءِ ٽي جوڙي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وزيراعظم شهباز شريف کان پي ٽي آءِ جي غيرملڪي فنڊنگ تي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ جي غيرملڪي فنڊنگ تي فوري طور جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي. صوبائي وزير چيو ته ان ڪيس جو تعلق صرف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان ناهي، بلڪه موجوده اسٽوريز اهو ٻڌائي رهيون آهن ته ڪيس هاڻي پنهنجا نوازي، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ طرف وڌي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button