بلوچستانپاڪستان

وزيراعظم جو بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو، امداد جو اعلان

حيدرآباد: وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ ٻوڏ سان فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ هر هڪ 10 لک رپيا امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو، جتي هن متاثر علائقن جو فضائي جائزو به ورتو. متاثر علائقن جي دوري دوران بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته وزيراعظم امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شهباز شريف مختلف علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات به ڪئي ۽ فوتين جي وارثن لاءِ 10 لک رپيا هر هڪ امداد جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ گهرن جي اڏاوت لاءِ 5-5 لک رپيا ڏينداسين ۽ جن گهرن کي جزوي نقصان پهتو، انهن کي ٻه لک رپيا يا ان کان وڌيڪ رقم ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان حڪومت به ٻوڏ سبب فوت ٿي ويندڙن جي وارثن کي 10-10 لک رپيا امداد ڏيندي. وزيراعظم چيو ته فصلن جي تباهي ۽ چوپايو مال مرڻ جي معاملي تي ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي چئني صوبن سان مشاورت ڪري سروي ڪنديون، اهي ڪميٽيون آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان حڪومتن سان به مشاورت ڪنديون. شهباز شريف چيو ته ڪوئيٽا، قلعي سيف الله ۽ لسٻيلي ۾ وڏي تباهي آئي آهي، برساتن 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو آهي، بلوچستان حڪومت سان گڏجي ڀرپور ڪم ڪنداسين. هن چيو ته سڄي پاڪستان ۾ 300 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 124 ماڻهو فوت ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button