
ڊکڻ: ڊکڻ جي مين شاهي بازار ۾ دڪاندار فدا حسين ميمڻ جي دڪان جي ڇت کي کاٽ ھڻي چور روڪ رقم، پئسن وارا هار ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا، جڏهن ته چوري واقعي بعد ڊکڻ پوليس ڪارروائي ڪري چوڪيدار خالد جيهو سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد ڊکڻ پوليس ڪارروائي ڪري دڪان مان چوري ڪندڙ ٻن چورن کي سڳ سميت گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيلن ۾ سب انسپيڪٽر ڪمال جيهو جو پٽ واجد علي جيھو شامل آهي، جڏهن ته ٻي چور جي سڃاڻپ سلمان جيھو طور ڪئي وئي. پوليس موجب چورن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.