اسلام آبادپاڪستان

90 ڏينهن بدران رڳو 45 ڏينهن جا ريزور رهجي ويا آهن:شيخ رشيد

راولپنڊي:عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته بي اعتمادي جو فيصلو ڪندڙ نواز شريف هاڻي حڪومت ڇڏڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته چين، دبئي، قطر ۽ سعودي عرب به هن ڀيري مدد نه ڪئي، نه ئي آءِ ايم ايف جو بيل آئوٽ پيڪيج آيو. آمريڪي امداد جي شرطن تي چين کي سخت خدشا آهن، 90 ڏينهن بدران رڳو 45 ڏينهن جا ريزور رهجي ويا آهن. هن چيو ته بي اعتمادي جو فيصلو لنڊن ۾ ٿيو، اهو ئي نواز شريف حڪومت ڇڏڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، معاشي طور تي ملڪ جام ٿي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته حڪومت رات ڏينهن بي اثر پريس ڪانفرنسن جي جمعي بازار لڳائي آهي. جڏهن ته مختصر تحريڪ ۾ عمران خان ڇانئجي ويو آهي، حڪومت زيرو ۽ هو هيرو بڻجي ويو آهي. ٻوڏ متاثرن بدران ڪمپني جي مشهوري کي ماڻهو چڱي طرح سمجهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button