پاڪستانپنجاب

ايندڙ 6 کان 8 هفتن ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿي سگھي ٿو:عمران

لاهور : پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي نين چونڊن جي تياري جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، جنهن جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي نين چونڊن لاءِ تياري جو ٽاسڪ ڏيندي چيو آهي ته 6 کان 8 هفتن ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿي سگھي ٿو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽي تنظيمون چونڊن جي تياري ڪن ۽ حڪمت عملي جوڙين. عمران خان چيو ته ملڪي معيشت انتهائي خراب حالت ۾ آهي، معاشي صورتحال سبب جلد چونڊون ٿي سگهن ٿيون، پارٽي تنظيم ۽ اسيمبلي ميمبر چونڊن جي تياري ڪن. هن ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ٻن هفتن ۾ پنجاب ۾ تنظيم سازي جو عمل مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏيندي چيو ته تنظيم سازي مڪمل ڪئي وڃي جيئن عام چونڊن ۾ ڀرپور انداز ۾ وڃون. سندس چوڻ هو ته 25 مئي تي جن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو، قانون ان حوالي سان رستو اختيار ڪندو. مون کي خبر آهي ته ڪنهن اسان سان ٻه نمبري ڪئي پر مان سڀني اڳيان ڪنهن جو نالو وٺڻ نٿو چاهيان. ذريعن موجب اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن پنهنجي پنهنجي راءِ به پيش ڪئي. ان کان اڳ عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاهور ۽ گوجرانوالا ڊويزن جي اسيمبلي ميمبرن، اقليتي ۽ خاص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ۾ عمران خان چونڊن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي اسيمبلي ميمبرن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ استحڪام صاف ۽ شفاف چونڊن سان ئي ممڪن آهي. پنجاب ۾ منظم تنظيم سازي تي ڌيان ڏنو وڃي. ماڻهو سياست ۾ پئسو ڪمائڻ لاءِ ايندا هئا، پر هاڻي عوام ۾ شعور جاڳي چڪو آهي. ملڪ جي مسئلن کان آگاهه آهي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته قوم جون اميدون هاڻي پي ٽي آءِ تي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button