اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جي بلوچستان دوري جي وڊيو ايڊٽ ڪئي وئي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي بلوچستان دوري جي وڊيو ايڊٽ ڪري ان ۾ آواز شامل ڪيا ويا. هي سياسي مخالفن کي غداري سان لنڪ ڪرائيندڙ بشريٰ بي بي جي ارسلان پٽ کي هدايت جو تازو شاهڪار آهي. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن وزيراعظم شهبازشريف بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي وزيراعظم جي ٻوڏ متاثر علائقي جو هوائي جائزو وٺندي وڊيو سامهون آئي هئي. انهيءَ دوران هڪ ٻي وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ هوائي جائزو وٺڻ دوران وزيراعطم کي چيو پيو وڃي ته سر ڪئميرا آن آهي ۽ اوهان جي وڊيو ٺهي رهي آهي. (ن) ليگ پاران اصلي ۽ ايڊٽ ٿيل وڊيو ٻئي گڏ جاري ڪيون ويون آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته وڊيو کي ايڊٽ ڪيو ويو آهي. مريم اورنگزيب هڪ بيان ۾ وڊيو کي ايڊٽ ڪرڻ ۽ ڪوڙو پروپيگنڊا ڪرڻ جو ذميوار پي ٽي آئي سوشل ميڊيا ونگ کي ڪوٺيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته مري ۾ سياحن جا لاش برف جي هيٺان پيا رهيا ته ان وقت بشريٰ بي بي عمران کي وڃڻ جي اجازت نه ڏني کيس تڪليف آهي شهبازشريف عوام وٽ ڇو وڃي ٿو عوام سان همدردي ڇو ڪري ٿو. هن چيو ته شهبازشريف جي دوري جي وڊيو پاڻ مان ٺاهي ميڊيا کي ڏني، بعد ۾ جعلسازي سان ان ۾ آواز شامل ڪيا ويا. اصل وڊيو هجڻ جي باوجود جعلي وڊيو جي مشهوري ڪندرن تي تنقيد ڪندي مريم چيو ته اي آر وائي نيوز وٽ به اورجنل وڊيو موجود آهي، وڊيو ايف آئي اي سائبر ڪرائيم ونگ اماڻي ڇڏي آهي ته جيئن وڊيو ۾ آواز شامل ڪندڙ جعلساز قانون جي پڪڙ ۾ اچن. هن چيو ته صحافت ۽ اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ڪوڙ ڦهلائڻ ۽ عمران جي ڪرپشن تان ڌيان هٽائڻ تي اي آر وائي کي شرم اچڻ گهرجي. اي آر وائي سچائي ۽ حقيقت جوهر پل قتل ڪري ٿو، اربين رپين جا غيرقانوني ٺيڪا ملي رهيا هجن ته پوءِ صحافت جي آڙ ۾ ڪوڙ ئي ڳالهايو ويندو. هن چيو ته عمران صاحب جي هي گهٽيا حرڪت ان مائنڊ سيٽ جو اظهار آهي. هن چيو ته جيڪو مديني جي رياست جي پاڪ نالي کان وٺي ڪرونا سيلاب مذهب، سياست مخالفن جي صحت، معيشت، عوام جي روزگار تي ڪوڙ ڳالهائي ٿو. وفاقي وزير چيو ته نعيم الحق ۽ ڪيترائي ويجها دوست لاڏاڻو ڪري ويا. عمران صاحب کي جنازي ۾ شرڪت جي اجازت نه ملي. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ ۽ ڊينگي هو پر بي حس عمران صاحب وزيراعليٰ هائوس ۾ لڊو راند کيڏندو رهيو. هن چيو ته خيبرپختونخوا، بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب ۾ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ بدران عمران صاحب ۽ بشريٰ بي بي وزيراعظم شهبازشريف جي وڊيو جي ايڊيٽنگ ۽ جعلسازي ۾مصروف آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪئميرا ايڪشن ۽ اي آر وائي جي لائٽ جي ضرورت عمران خان کي آهي، شهبازشريف کي نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button