پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ يوسي چيئرمين خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن جي يوسي 8 جي چيئرمين ۽ بلڊر محمد علي خلاف زبيدا هائيٽس جي رهواسين ڊاڪٽر انيل ڪمار جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هنن چيو ته پ پ جي ٽڪيٽ تي يوسي چيئرمين محمد علي بلڊر چونڊيل آهي، جنهن زبيدا هائيٽس جي رهواسين جي ٻن ڏينهن کان بجلي، پاڻي ۽ لفٽ بند ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته جڏهن هنن ڄاڻايل فليٽ خريد ڪيا ته ان وقت ايگريمينٽ ۾ 16 لک فليٽ جي قيمت ڄاڻائي وئي، هاڻ وڌيڪ 5 لک رپيا گهريا پيا وڃن، جيڪي نه ڏيڻ تي هو مڇرجي پنهنجي ماڻهن هٿان رهواسين تي تشدد ڪرائي رهيو آهي. ڊاڪٽر انيل چيو ته سندس گاڏي کي ڪجهه ڏينهن اڳ نقصان پهچايو ويو، جنهن جي هو شڪايت کڻي محمد علي وٽ ويو ته هن مٿس سخت تشدد ڪيو، پوليس به ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته ڄاڻايل پلازا ۾ 60 سيڪڙو هندو برادري جا ماڻهو رهن ٿا، جن کي ڪمزور سمجهي ڄاڻايل بلڊر لاڳيتو هيسائي ۽ ڌمڪائي رهيو آهي. پلازا ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جا ڊيوز ڪليئر آهن، پر پوءِ به رجسٽري نه پئي ڪري ڏني وڃي. هنن پ پ جي صوبائي قيادت ۽ مقامي قيادت توڙي ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button