پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ جهڏو جي رهواسڻ جو بااثرن خلاف احتجاج

ميرپورخاص: جھڏو جي ڳوٺ ٻڍو خان دلواڻي جي رهواسڻ بيوهھ دريا خاتون پنھنجي پٽ علي حيدر دلواڻي سان گڏ بااثرن ۽ آبپاشي عملي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب ميرپورخاص اڳيان احتجاج ڪيو. هن چيو ته جھڏو جي سلور موري شاخ تي فوتي مڙس رٽائر فوجي محمد سلطان دلواڻي جي 13 ايڪڙ 9 گھنٽا زرعي زمين آھي، جنھن جي آمدني مان ٻارن جو پيٽ گذر ڪندي ھيس، گذريل ڪجهه مھينن کان علائقي جي بااثرن ڊاڪٽر اعجاز لغاري، اعظم خان ۽ خدابخش لغاري آبپاشي عملي کي رشوت ڏئي زرعي زمين جو پاڻي بند ڪرائي ڇڏيو آهي، جنھن ڪري زمين بنجر بڻجي وئي آهي. ايس ڊي او پئسن عيوض بااثرن جي ونگار وھي رھيو آھي، ڪٽنب سميت موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. اھڙي شڪايت پوليس سميت ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي پڻ ڪئي، پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو. هن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري زمين جو پاڻي ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button