پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ گم ٿيل نوجوان بيدردي سان قتل، لاش جمڙائو مان مليو

ميرپورخاص:ميرپورخاص جي علائقي مان ھڪ ڏينھن اڳ گھر مان گم ٿيل 16 سالن جي جوان ڇوڪري حمزه راجپوت جو تعلقي ٿاڻي جي حد 78 موري اسٽاپ وٽ جمڙائو ڪئنال مان ڳلو ڪپيل لاش مليو. ميرپورخاص ۾ ھڪ ڏينھن اڳ غريب آباد ٿاڻي جي حد پاڪ ڪالوني واسي 16 سالن جو نوجوان حمزه راجپوت گم ٿي ويو ھو، جنھن جو ڳلو ڪپيل لڙھندڙ لاش جمڙائو ڪئنال مان هٿ آيو، علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پھچي لاش کي ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش جي سڃاڻپ پاڪ ڪالوني واسي نوجوان حمزه ميئو طور ٿي. جڏهن ته وارثن ۾ نوجوان جو لاش ڏسي ڪھرام مچي ويو. قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش کڻي گھر پھتا ته روڄ راڙو پئجي ويو. واقعي خلاف مقتول نوجوان جي وارثن ۽ علائقي واسين کپرو اسٽينڊ ناڪا وٽ ميرپورخاص-سانگھڙ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ قاتلن جي گرفتاري لا نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي والد صديق راجپوت ۽ ٻين چيو ته نوجوان گذريل ڏينهن گھران نڪتو ته واپس نه موٽيو، سندس موبائل فون پڻ بند ھو، اسان ڳولا ڪري رھيا ھئاسين ته نامعلوم ماڻهن پٽ کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد لاش ڪئنال ۾ ڦٽو ڪيو، اسان جي ڪنھن سان ڪا دشمني نه آهي، جوان پٽ کي بيدردي سان قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، جيستائين واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو، تيستائين احتجاج جاري رهندو. جڏهن ته روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان ٽرئفڪ معطل ھجڻ سبب مسافرن کي تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي غريب آباد پوليس ٻڌايو ته وارثن پاران واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button