پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ چوري ٿيل ڪار واپس نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جو احتجاج

ميھڙ: عوامي تحريڪ اڳواڻ رستم سرگاڻي جي چوري ٿي ويل ڪار واپس نه ٿيڻ خلاف ڪارڪنن 40هين ڏينهن به بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ايڊووڪيٽ منصور احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، ايڊووڪيٽ ذوالفقار کوکر ۽ ٻين چيو ته ميهڙ پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي، 40 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس چوري ٿيل ڪار هٿ نه ڪري سگهي آهي، بدامني سبب شهري ۽ واپاري عدم تحفظ جو شڪار آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ لاڳاپيل اختيارين کان تدارڪ جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button