پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ ويگو جي ٽڪر ۾ زخمي نوجوان 6 ڏينهن بعد فوت

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد فوجي موڙ ڀرسان 6 ڏينهن اڳ ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ حاجي جاني ساند واسي 17 ورهين جو نوجوان عبدالخالق پٽ راڻو ساند ڪوما ۾ رهڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو، ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. نوجوان والدين جو اڪيلو هڪ ئي پٽ جو اولاد ھو. وارثن پوليس تي الزام هڻندي چيو آهي ته بي سيڪشن پوليس کي سي سي ٽي وي فوٽيج ڏنا آه، پر پوليس ڪا ڪارروائي نٿي ڪري. هوڏانهن نوجوان کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button