پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ انفراسٽرڪچر جي جلد مرمت ڪئي ويندي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان خواجا اظهار جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي 17 رڪني وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تازين برساتن سبب تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي مرمت ۽ بحالي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ جاويد حنيف، محمد حسين، حامد الظفر، راشد خلجي، عديل شهزاد ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ وقار مهدي پڻ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار وڏي وزير کي ٻڌايو ته تيز برساتن سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد جو انفراسٽرڪچر گهڻو متاثر ٿيو آهي، روڊن تي کڏا بڻجي ويا آهن ۽ نيڪال جي لائينن کي سخت نقصان پهتو آهي. خواجه اظهار جو چوڻ هو ته نيڪال جي لائين جو ٽٽل هئڻ سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ٻنهي شهرن ۾ ٽريفڪ جي رواني مسئلو بڻجي وئي آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. وڏي وزير ايم ڪيو ايم جي وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت شهر جي روڊن ۽ نيڪال سسٽم جي مرمت ۽ بحالي لاءِ 5 ارب رپيا اڳواٽ ئي مختص ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪابينا شهر ۾ تازو شروع ڪيل ستين پيپلز بس سروس جي روٽ سان گڏ خراب ٿيل روڊ ۽ نيڪال لائينن جي مرمت لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب رپين جي منظوري ڏني. مراد علي شاهه چيو ته اسيمبلي حيدرآباد جي روڊن جي مرمت لاءِ الڳ بجيٽ پڻ منظور ڪئي آهي. هن دوري تي آيل وفد کي يقين ڏياريو ته ٻنهي شهرن ۾ جلد مرمت ۽ سار سنڀال جو ڪم شروع ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته هن شهر سميت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو تيز برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي، گهرن ۽ فصلن کي ٿيل نقصان جو جائزو وٺن ته جيئن ماڻهن جي مدد لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button