اسلام آباد : وفاقي ڪابينا فارن فنڊنگ جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي قيادت خلاف پوليٽيڪل آرڊر 2002 تحت ڪارروائي ڪرڻ ۽ ڊڪليريشن سپريم ڪورٽ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ اڳتي جي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ ٻي قيادت جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري نه ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزير ۽ حڪومتي قانوني ٽيم ڪابينا کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي بريفنگ ڏني. ذريعن موجب ان دوران وزيراعظم جي هدايت تي قانون واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کانسواءِ سڀني بيورو ڪريٽس کي اجلاس کان ٻاهر موڪليو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا فنڊنگ جي معاملي تي پي ٽي آءِ قيادت خلاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002 تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، جلد ڊڪليريشن تيار ڪري سپريم ڪورٽ موڪلي ويندي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي پرڏيهي فنڊنگ حاصل ڪندڙ پارٽي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي پارٽي تي پرڏيهي فنڊنگ جو الزام لڳايو ويو آهي. پي ٽي آءِ 16 اڪائونٽس جو انڪشاف ڪيو آهي. جڏهن ته عمران خان هڪ حلف نامو آهي ته اسان ٻاهرين ملڪ مان ڪو فنڊ ناهي ورتو. مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن 2002 جي پارٽي ايڪٽ خلاف فيصلو جاري ڪيو، حڪومت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي. تحريڪ انصاف خلاف سپريم ڪورٽ ۾ بيان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ قانون واري وزارت کي ٽن ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي ته جيئن معاملا قانون ۽ آئين موجب هجن جنهن جي ڪابينا منظوري وٺي پوءِ ان کي عوام آڏو آندو ويندو. هن چيو ته ڪابينا مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي کي هدايتون جاري ڪيون آهن، اسٽيٽ بينڪ، ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي جا نمائندا به منع ٿيل فنڊنگ ڪيس جي جاچ ڪندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close