اسلام آباد :سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ تڪبندين بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس چيو آهي ته 15 آگسٽ تي سمورين ڌرين کي تفصيل سان ٻڌي فيصلو ڏينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ تڪبندي خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست تي شنوائي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٿي. ايم ڪيو ايم جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته تڪبندي ۾ آبادي جو تناسب برابر ناهي رکيو ويو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن تڪبندي مان مطمئن آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا چيو ته تڪبنديون قانون مطابق ٿيون آهن، حدبندي صوبائي حڪومت ۽ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت تڪبندي خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست جي مخالفت ڪئي. وڪيل فروغ نسيم چيو ته جتي ايم ڪيو ايم ڪامياب ٿي، اتي هڪ يونين ڪائونسل 90 هزار جي آبادي تي ٻڌل آهي. جڏهن ته پيپلزپارٽي جن علائقن مان ڪامياب ٿئي ٿي، اتان جي يوسي 40 هزار ماڻهن جي آبادي تي ٻڌل آهي. وڪيل خالد جاويد خان چيو ته جيڪڏهن ان دليل کي مڃيو وڃي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبيلن جو تڪبنديون ختم ٿي وينديون، ڇو ته قومي اسيمبلي جو ڪو تڪ 3 ۽ ڪو 9 لک ماڻهن جي آبادي تي ٻڌل آهي. چيف جسٽس چيو ته آگسٽ جي 28 تاريخ تي اليڪشن آهي، ان لاءِ 15 آگسٽ جي شنوائي تي ڪائي التوا نه ڏينداسين. ايم ڪيوا يم جي درخواست رڳو شهري علائقن تي محدود آهي. عدالت پهرين مرحلي ۾ ڪامياب ٿيندڙ نمائندن جي ڌر بڻجڻ جون درخواستون منظور ڪندي ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close