اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو جي سنگاپور جي پرڏيهي وزير سان ملاقات،تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد :رڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خميس تي نوم پنا ۾ 29 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي سنگاپور جي هم منصب ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان مطابق ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سنگاپور جي ٻطرفي لاڳاپان جو جائزو ورتو ۽ ٻطرفو ڳالهيون ۽ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. انهن گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ويوين بالا ڪرشنن ٻنهي ملڪن ۾ ٻطرفو واپار ۽ اقتصادي تعاون جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير سنگاپور جي ترقياتي ماڊل کي پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن لاءِ مثال قرار ڏنو. پرڏيهي وزير سنگاپور سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. جيڪو آسيان ريجنل فورم ۾ خاص پاٽنر آهي. هن آسيان سان پنهنجو تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطح جي باقاعدي ڏي وٺ جي اهميت تي ڳالهائندي ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button