اسلام آبادپاڪستان

ايمن الظواهري خلاف پاڪستاني هوائي حدن جي استعمال جو ثبوت ناهي:پاڪستان

اسلام آباد : پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايمن الظواهري لاءِ ڪيل ڪارروائي ۾ پاڪستاني هوائي حدن جي استعمال بابت خبرن جي ترديد ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ هفتوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته آمريڪي سفير طرفان پاڪ افغان بارڊر جي دوري جا تفصيل ناهن. القاعدا سربراهه جي مارجڻ واري سوال تي ترجمان چيو ته ايمن الظواهري بابت ڪارروائي ۾ پاڪستاني هوائي حدن جي استعمال جو ڪو به جوڳو ثبوت ناهي مليو. ڪشمير مسئلي بابت ترجمان جو چوڻ هو ته پنج آگسٽ تي ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾کنيل غيرقانوني قدم کي ٽي سال مڪمل ٿيندا. ڀارت لڳاتار گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن سميت انساني حقن جي قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. والاريل ڄمون ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج قابض آهي. عاصم افتخار وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون، انٽرنيٽ بندش ۽ ڪشمرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي. ڪشميري ليڊرن کي حق خوداراديت لاءِ آواز اُٿارڻ تي قيد ۾ رکيو ويو آهي. ڀارت جي غيرقانوني قدمن خلاف سڀاڻي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان چين جي علائقائي حدن جو احترام ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button