پاڪستان

بلاول ڀٽو جون مختلف پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون، گڏيل دلچسپي معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد: پرڏيهي معاملن واري وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾ جاري آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس دوران ڪوريا ۽ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزيرن ۽ يورپي يونين جي نمائندي سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. رپورٽ مطابق پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي شهر نوم پنهه ۾ 29 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ڪوريا جي پرڏيهي وزير جن پارڪ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جمعي تي جاري ڪيل بيان مطابق ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي وچ ۾ لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو انهن عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ۽ هم آهنگي جي شعبن جي سڃاڻپ ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي وزير پارڪ پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي وچ ۾وڌندڙ اقتصادي ۽ ترقياتي تعاون جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. ان ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن شعبن تي تعاون ۽ ڳالهين کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان پنهنجا لاڳاپا ۽ آسيان ريجنل فورم جي اهم ميمبر طور ڪردارکي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ٻنهي پرڏيهي وزيرن اعليٰ سطحي ڳالهين جي اهميت تي ڳالهائيندي ٻطرفي لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ ويجها رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزارتي اجلاس جي موقعي تي انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير رتنومارسودي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي وارن ٻطرفن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ٻنهي اڳواڻن گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان جڙيل ٻطرفي لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ملاقات ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ رفتار فراهم ڪرڻ لاءِ هر سطح تي ٻطرفي ڏي وٺ ۽ باقاعدي ڳالهين جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو انڊونيشيا جي حڪومت پاران پاڪستان کي پام آئل ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ بروقت سهولت فراهمي تي انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ٻنهي پرڏيهي وزيرن او آئي سي جي اهم معاملن تي ڳالهايون ڪيون. چيو ويو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا کي بين الاقوامي تنطيمن جي فريم ورق ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ويجهي مشاورت جي ضرورت آهي، ايشيا پيسفڪ ۾ اڳڀرائي ۽ مسئلن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير ثقافتي مٽا سٽا کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي لاءِ عوام جي رابطن کي مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. هوڏانهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾جاري اي آر ايف جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ نمائندي وچ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جاري ڪيل پڌرائي مطابق ٻنهي اڳواڻن گڏيل فائديمند تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار تي جي ايس پي پلس جي اثرن کي ساراهيو پاڪستان ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ يورپي يونين جي حمايت ڪندي پوليٽيڪل ڊائلاگ سان پاڪ يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي جلد کان جلد اهتمام جي اهميت تي زور ڏنو ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي تازي صورتحال ۽ سياسي منطر نامي ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻئي طرف استحصال ڏهاڙي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي عالمي سطح تي مڃيل ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي غيرقانوني قبضي هٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت اهڙا جابراڻا قدم کڻي رهيو آهي جنهن تحت والاريل ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت جي قيمت تي هندو اڪثريتي تڪ ٺاهيا ويا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا ۽ زمين ۽ ملڪيت بابت قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي ۽ اها ڪشميرين جي جدا سُڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي عسڪري زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عدالت کان مٿانهين قتل، نظربندين، حقيقي ڪشميري قيادت کي قيد ۽ هراسان ڪرڻ سميت انساني حقن جي ٻين سنگين خلاف ورزين ذريعي ڪشميرين جي انساني مصيبتن کي بهتر طريقي سان دستاويزي شڪل ڏني وئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي مذمت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، هلندڙ سال 130 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button