پاڪستانسنڌ

شرجيل ميمڻ جي يوٽونگ بسز چائنا جي ڪنٽري مئنيجر سان ٻي ملاقات

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ مينيو فيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي سلسلي ۾ يوٽونگ بسز چائنا جي ڪنٽري مينيجر Paul Zhang سان ٻي ملاقات. يوٽونگ ڪمپني جي مقامي پارٽنرز ماسٽر موٽرز پاڪستان جي سي اي او رضا انصاري، وائيس چيئرمين نديم ملڪ، ڊائريڪٽر ايم ڪي ٽي فيصل معراج ۽ نيشنل ريڊيو ٽرانسميشن ڪمپني پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شفيق پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات ۾ سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ مينيوفيڪچرنگ پلانٽ منصوبي تي اڳڀرائي رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته پلانٽ 15 کان 18 ايڪڙ زمين تي لڳايو ويندو، جنهن ۾ ساليانو 500 بسون تيار ڪرڻ جي صلاحيت هوندي، جڏهن ته پلانٽ جي اڏاوت کي 16 کان 20 مهينا لڳي سگھندا. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت مينيوفيڪچرنگ پلانٽ ۾ سنڌ بينڪ، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ذريعي ڀائيواري ڪري سگهي ٿي يا يوٽونگ خانگي شعبي مان مقامي پارٽنر جي پڻ چونڊ ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ اسان جي ترجيح آهي. سنڌ حڪومت هر حد تائين وڃي سگهي ٿي، هر سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. حڪومت پاران ان معاملي تي ڪهن قسم جي دير ناهي. اسان هن منصوبي کي جلد کان جلد شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي گارنٽي آهي، ته اچڻ وارين حڪومتون ان منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جون پابندي هونديون. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ منصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٽن هفتن جو وقت ڏئي ڇڏيو، ته جيئن ان تي جلد کان جلد اڳڀرائي ڪري سگهجي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي هر وڏي شهر جي ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ پلانٽ لڳڻ سان گهٽ قيمت تي معياري بسون مقامي سطح تي ميسر ٿي وينديون. شرجيل انعام مميڻ چيو ته عالمي بينڪ سان پڻ بسن بابت ڳالھه ٻولھه ٿي آهي، جلد شهرين کي خوشخبري ڏينداسين. اسان جي ڪوشش آهي ته ڪراچي ۾ هزارين بسون آڻيون. ھن چيو تہ پيپلز بس سروس جي روٽس جي مرمت ۽ بهتري لاءِ وزيراعليٰ سنڌ ٻه ڏينهن اڳ 1.5 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڄ روڊن جي مرمت ۽ بهتري جي ڪم جي شروعات ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button