اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ 552 ماڻهو فوت ٿي ويا:اين ڊي ايم اي

اسلام آباد : نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي سانوڻي مون سون جي اپ ڊيٽ مطابق برساتن ۽ ٻوڏ سبب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوتگين جو انگ 552 جڏهن ته زخمين جو انگ 628 ٿي ويو. شروعاتي رپورٽ مطابق ٻوڏ ۽ برساتن سبب 49778 گهرن کي نقصان پهتو. ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو / ريليف آپريشن جاري آهي. جڏهن ته وزيراعظم ريليف سرگرمين جي نگراني لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ٻوڏ متاثرن لاءِ في ڪس 10 لک روپيا امدادي چيڪ جي ورهاست جاري آهي. اين ڊي ايم اي لسٻيلا لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي. امدادي سامان ۾ خيما، ترپالين ۽ جنريٽرز شامل آهن. فلاحي تنظيمن طرفان لسٻيلا ۽ ڪوئيٽا جي متاثرن لاءِ راشن جي فراهمي جاري آهي. دريائن جي صورتحال مطابق سمورن دريائن ۾ پاڻي جا وهڪرا معمول مطابق آهن. روڊن / بلن جي صورتحال مطابق اچارناله جي هنڌ تي شاهراهه قراقرم ننڍي ۽ وچين ٽريفڪ لاءِ بحال اچارناله تي سٽيل جي پل جي تعمير جو ڪم جاري آهي، باقي سمورن قومي شاهراهن ۽ موٽر ويز فعال آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button