اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ٻوڏ متاثرن لاءِ 5 ارب جاري ڪري ڇڏيا،امدادي فنڊ قائم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. ڇنڇر تي وزيراعظم آفس ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح پاڪستان جي عوام 2005 جي زلزلي ۽ 2010 جي ملڪ جي سڀني کان وڏي ٻوڏ وقت متاثرن جي دل کولي مدد ڪري سڄي دنيا ۾ هڪ مثال قائم ڪيو هو. اڄ پڻ ان جذبي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته عوام خاص طور تي وسندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪريان ٿو ته ٻوڏ جي تباهي جو شڪار ماڻهن جي دل کولي مدد ڪن. هن چيو ته گهڻين برساتن ٻوڏ جي صورت ۾ قيامت صغريٰ برپا ڪئي آهي. بلوچستان ۾ غير معمولي تباهي ٿي آهي، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. حڪومت ڏکين معاشي حالتن باوجود 5 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري طور جاري ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم چيو ته وسندي وارن ماڻهن کي اپيل آهي ته ڏکيائين جو شڪار انهن پاڪستانين کي ٻيهر آباد ڪرڻ ۾ حڪومت جو هٿ ونڊائن، ٻوڏ متاثرن ڀائرن ڀينرن ۽ ٻارن جي مدد انيار مديني واري جذبي سان ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ رقم پرائم منسٽر ريليف فنڊ جي اڪائونٽ نمبر جي 12164 ۾ جمعي ڪرائي سگهجي ٿي. وفاق ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، صوبائي حڪومتن کي پڻ گذارش ڪئي آهي ته متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏين ته جيئن امدادي ڪمن کي تيز ڪري سگهجي. ٻئي طرف هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزا ۾ پنجن سالن جي ٻارڙي سميت 10 فلسطينين جي شهادت اسرائيلي دهشتگردي جي تازي ترين ڪاروائي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن بربريت جي ڪا سڃاڻپ هجي ها ته اها فلسطين هجي ها. اسرائيل نتيجن جي پرواهه نه ڪندي فلسطينين کي نشانو بڻايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسرائيلي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button