اسلام آباد:پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي 9 تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل شيڊيول کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ طرفان وڪيل فيصل چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ متفرق درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان چونڊ شيڊيول ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ايم اين ايز جون استعيفائون مرحليوار منظور ٿيڻ خلاف درخواست شنوائي هيٺ آهي. عدالت چار آگسٽ تي درخواست تي شنوائي ڪري نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي. اليڪشن ڪميشن ڄاڻ هئڻ باوجود نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته ننڍي چونڊ بابت شيڊيول ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ جي مرڪزي ڪيس جي فيصلي تائين اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊيول معطل ڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، جنهن تي وقتي چيف جسٽس عمر فاروق اربع جي ڏينهن شنوائي ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close