اسلام آبادپاڪستان

اسرائيل انساني حقن جون ڀڃڪڙيون فوري طور بند ڪري:پاڪستان

اسلام آباد :پاڪستان فلسطين جي علائقي غزا تي اسرائيلي فضائي حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري اسرائيل تي زور ڀري ته هو طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪري. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيل طرفان غزا تي هاڻوڪي هوائي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پنجن سالن جي ٻارڙي ۽ بي گناهه فلسطينن جي موت ٿي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. اڳرائي جي تازي لهر بين الاقوامي انساني حقن ۽ انساني قانون جي مڪمل خلاف ورزي سان بي گناهه فلسطينن خلاف اسرائيلي ظلم، غير قانوني قدمن ۽ طاقت جي وحشياڻي استعمال جو تسلسل آهي. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل تي زور ڀري تي طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور بند ڪري. اڳرائي کي فوري طور روڪڻ اڻٽر آهي. پاڪستان چيو ته گڏيل قومون ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب اسان 1967ع کان اڳ سرحدن سان هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪريون ٿا ۽ هن جي گادي واري هنڌ القدس الشريف ئي آهي جيڪو فلسطيني مسئلي جو واحد، جامع ۽ پائيدار حل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button