پاڪستانسنڌ

وارهه جا ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي ويا

وارھه: بلوچستان کان آيل سيلابي پاڻي ايف پي بچاءُ بند لڳ حمل ڍنڍ ۾ قائم قديمي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، جنهن سبب چوپايو مال به لڙهي ويو، جنهن کان پو حمل ڍنڍ ڇنڊڻ موري تي قائم رليف ڪئمپ تي ايم پي اي نادر مگسي پهچي متاثر علائقي جو دورو ڪيو. هن چيو ته مختلف هنڌن تي ڪٽ ڏئي بلوچستان مان ايندڙ پاڻي کي رستو ڏنو آهي، اطلاع آهن ته حمل ڳوٺ، مرزاپور، آلو شاهه، تيوڻا، گاهي چانڊيو ۽ احمد علي ڏيرو سميت ڪافي ٻيا ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ آهن، اسان انهن ڳوٺن لاءِ سروي شروع ڪرائي آهي، جلد انهن ڳوٺن کي راشن سميت ٽينٽ ڏنا ويندا، برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لا مستقل حل ڳولڻو پوندو، ان لا وڏي وزير سان ڳالهايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button