پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ گلشن ڪالوني برساتي پاڻي ۾ ٻڏل، رهواسي پريشان

سانگھڙ: سانگھڙ شھر جي علائقي گلشن ڪمال خان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، جنھن سبب اچ وڃ جا رستا ٻڏل ھئڻ ڪري ڪالوني ۾ هڪ عورت جو جنازو وڏي مشڪل سان برساتي پاڻي مان اڪري جھاڳي قبرستان تائين پھچايو ويو. علائقي واسي وڪيل عظيم رونجھو چيو ته پھرين وسڪاري جو بيٺل پاڻي ھن وقت تائين نيڪال نه ٿي سگھيو، وڏي مشڪل سان ڪجھه علائقن جو پاڻي نيڪال ٿي سگھيو آھي، پر ھن وقت تائين وڏو علائقو پاڻي ھيٺ آھي، پر انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لا ڪي به اپا ناهن ورتا. ميونسپل ڪميٽي ۾ ايڊمنسٽريٽر جي ڪرسي تي ميوزيڪل چيئر گيم ھلي رھي آھي. اسان جو مطالبو آھي ته پاڻي نيڪال ڪرائي شھرين کي رليف فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button