اسلام آبادپاڪستان

اقليتن جي ڀلائي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين:شهباز شريف

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف اقليتن جي ڀلائي، قومي ترقي جي جدوجهد ۾ انهن جي مڪمل شموليت جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان بنا ڪنهن ذات، رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ اسان سڀني جو آهي ۽ اسان کي گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد جاري رکڻي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هر سال پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪرڻ انهن جو اسان جي عظيم قوم جو لازم حصو هجڻ ۽ مذهبي اقليتن جي احترام جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جي لاءِ 11 آگسٽ کي “قومي اقليت ڏهاڙي”طور ملهايو ويندو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسلام ۽ امن ۽ رواداري جو مذهب آهي، قرآن پاڪ موجب دين جي معاملي ۾ ڪو جبر نه آهي، اهو قرآني حڪم سنت نبوي صه سان گڏجي ان اصول جي بنياد فراهم ڪري ٿو جيڪو قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1948ع تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ بيان ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته اسان جي آئين ۾ مذهبي جي آزادي ۽ اقليتن جي ماڻهن ۽ ملڪيتن جي تقريم کي باقاعده قانوني شڪل ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ اقليتن جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي حقن جي يقيني تحفظ ۽ ترقي جي لاءِ مالي امداد به انهن قدمن جو حصو آهي. هن چيو ته آئون ان موقعي تي سڀني اقليتي برادرين کي به اپيل ڪريان ٿو ته هو رواداري ۽ گڏيل اتفاق جي فضا کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن. ٻئي طرف صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ سڀئي ڪوششون ڪندي. 11 آگسٽ 2022ع تي اقليتن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته 11 آگسٽ کي پاڪستان ۾ اقليتن جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو ته جيئن پاڪستان جي ترقي ۾ اسان جي اقليتن جي اڻٿڪ حصيداري جو اعتراف ڪيو وڃي ۽ قوم جي حيثيت سان انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ اسان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو وڃي. هن چيو ته هي ڏينهن اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 1948ع ۾ ڪيل ان واعدي جي ياد ڏياري ٿو ته هن عظيم قوم جي هر ماڻهو کي ان جي مذهب، عقيدي کان مٿانهون ٿي برابر حق ۽ آزادي حاصل هوندي. اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته پاڪستان ۾ اقليتون زندگي جي هر شعبي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ پاڪستان ۾ انهن جي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جي حق جو تحفظ ڪيو آهي، انهن جا حق اسان جي آئين ۾ موجود آهن، اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ تي به زور ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button