اسلام آبادپاڪستان

شهباز گل جو نه ڪنهن گهرڀاتي نه ئي پارٽي عهديدار حال احوال ورتو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جو هڪ به عهديدار پوليس جي تحويل ۾ شهباز گل جو حال احوال وٺڻ ناهي آيو. پوليس ٻڌايو ته پارٽي جو ڪو ننڍو يا وڏو عهديدا اڃا تائين شهباز گل بابت پڇا ڪرڻ ناهي آيو. پي ٽي آئي قيادت به هن وقت تائين شهباز گل سان ملاقات جي ڪائي ڪوشش ناهي ڪئي. پوليس مطابق شهباز گل جي خاندان مان ان جي پٺيان هن وقت تائين ڪوئي ناهي آيو ۽ ڪنهن فئملي ميمبر به ان لاءِ پوليس سان ڪو رابطو ناهي ڪيو. پوليس ٻڌايو ته شهباز گل جو وڪيل ٿاڻي ۽ پوليس سان رابطي ۾ آهي، جن ۾ فيصل چوڌري ۽ علي بخاري ايڊووڪيٽ پوليس سان رابطو ڪيو ۽ اهي ڪوهسار ٿاڻي به آيا هئا. پر شهباز گل جي زال ۽ ڀاءُ سميت ڪنهن پوليس سان ڪو رابطو ناهي ڪيو. ذريعن ٻڌايو ته پي ٽي آئي جي اسلام آباد جي قيادت سميت اسد عمر يا علي نواز مان ڪنهن به شهباز گل جو حل پڇڻ لاءِ ٿاڻي اچڻ جي زحمت نه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button