پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين کي موٽرسائيڪل ٽريننگ ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي:سنڌ حڪومت طرفان ڪاليجز ڊپارٽمينٽ ۾ شاگردياڻين لاءِ وڏو قدم کنيو ويو آهي، هاڻي عورتن کي موٽرسائيڪل هلائڻ سيکاري ويندي.سنڌ جي ڪاليجز کاتي طرفان شاگردياڻين لاءِ کنيل قدمن تحت سرڪاري گرلز ڪاليجز جي شاگردن کي موٽرسائيڪل هلائڻ سيکاري ويندي.ڪاليجز کاتي طرفان سنڌ وومين ڊيولپمينٽ جي ڀائيواري سان شاگردياڻين کي ٽريننگ ڏني ويندي. ڪاليجز کاتي سنڌ جو چوڻ آهي ته سمورا سرڪاري ڪاليجز شاگردياڻين جي ڊيٽا فراهم ڪن. عورتن جي ترقي واري کاتي سنڌ جي تعليم کاتي کي خط موڪلي ڇڏيو آهي. عورتن جي ترقي واري کاتي جو چوڻ آهي ته شاگردياڻين کي موٽرسائيڪل ٽريننگ ڏيڻ جو مقصد عورتن کي خودمختيار بڻائڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button