اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مني بجيٽ ذريعي چئن شعبن تي وڌيڪ 40 ارب ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽ: ارشاد انصاري) حڪومت چئن شعبن تي وڌيڪ 40 ارب رپيا ٽيڪس جو بار وجهڻ لاءِ مني بجيٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ايف بي آر ذريعن موجب فرٽيلائيزر، شوگر، تماڪ ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن چئن وڏن سيڪٽرن تي آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس کان اڳ مني بجيٽ ۽ آرڊيننس ذريعي ٽيڪس لاڳو ڪري سگهجن ٿا. ذريعن موجب ايف بي آر ان لينڊ روينيو پاليسي ونگ مني بجيٽ جي بناوٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. واپارين جي بلن تان فڪسڊ ٽيڪس ختم ٿيڻ سبب ٽيڪس قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ٽيڪس ختم ٿيڻ واري 40 ارب رپين جي نقصان کي ٻئي طريقي سان پورو ڪري سگهجي. ايف بي آر اختيارين موجب مني بجيٽ ۽ آءِ ايم ايف تي بريفنگ لاءِ وزيراعظم آفيس ۾ گڏجاڻي ٿيندي ۽ منظوري کانپوءِ تڪڙا قدم کنيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button