اسلام آبادپاڪستان

عمران ٽرولز ذريعي سوشل ميڊيا تي شرم جوڳي مهم هلائي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سڌ سماءُ واري واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ٽرولز ذريعي سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف شرم جوڳي مهم هلائي رهيو آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته هيلي ڪاپٽر حادثي بعد سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف مهم هلائي وئي، عمران خان پنهنجي ٽرولز ذريعي سوشل ميڊيا تي شرم جوڳي مهم هلائي.سندس چوڻ هو ته 15 منٽن تائين عمران خان جي چيف آف اسٽاف جو بيپر ٽي وي تي هلندو رهيو، ڪالهه عمران خان کي ڪوڙ ڳالهائيندي پگهر پڻ اچي رهيو هو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پنج سال ڪوڙا حلف ناما جمع ڪرايا، ايف آءِ اي جاچ ڪري رهي آهي ته فارين فنڊنگ ڪٿي استعمال ٿي. هن چيو ته عمران خان ٽي وي تي ويهي وضاحتون ڏئي رهيو هو، اهو به ٻڌائي ها ته ليزا سي ذريعي ڪيترا پئسا ورتا ۽ ڇو ورتا، اهو به ٻڌائي ها ته چرن جيت سنگهه، ورشار لوٿرا ڇا لاءِ فنڊنگ ڏني، پرڏيهي ڪمپني کان جيڪا فنڊنگ ورتي وئي اها ڪٿي خرچ ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته فارين فنڊنگ جو پئسو پڪڙيو ويو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ انارڪي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهو ڏڦيڙ پکيڙڻ ان ئي فارين فنڊنگ واري منصوبي جو حصو آهي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته نواز شريف ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، نواز شريف سان مقابلي ڪيو ٿا، ادارن ۾ ورهاست ۽ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته نواز شريف پاڪستان کي ٺاهڻ وارن مان آهي، نواز شريف ادارن کي ٻڌايو ته آئيني حدن ۾ ڪم ڪرڻو آهي، توهان ادارن کي چيو ته نيوٽرل ته جانور هوندو آهي، پارليامان جي بالادستي کي نواز شريف يقيني بڻايو، توهان اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر کان آئين ٽوڙايو. جڏهن ته چوري ۽ ڌاڙو پڪڙيو ويو ته چور روز ٽي وي تي اچي ابتو اسان تي الزام مڙهي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button