پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ لڳ جيپ جي ٽڪر ۾ معصوم شاگر فوت

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجهو کوکراپار ڇور روڊ تي واسل بائي پاس اسٽاپ ويجھو ڇھين درجي ۾ پڙھندڙ معصوم شاگرد شاھنواز ولد سهراب سومرو روڊ ڪراس ڪري رھيو ھو تج سامھون ايندڙ تيز رفتار لانگ جيپ کيس زوردار ٽڪر ھنيو، جنهن سبب نينگر زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو، پر رستي ۾ نينگر دم ڏئي ڇڏيو. واقعي بعد لانگ جيپ جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود کوکراپار پوليس نه پهتي. علائقي واسين چيو ته کوکراپار ٿاڻو صرف نالي ماتر آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button