پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي لڳ سرڪاري اسڪول جا وڻ وڪرو

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاھه ھڙي ويجھو يوسي ھنڱوراڻي جي ڳوٺ ابراهيم شاھه ۾ سرڪاري پرائمري اسڪول اندر بيٺل وڻن کي وڍي وڪرو ڪرڻ تي ڳوٺاڻن جمال الدين، عمر الدين، لياقت، عبدالله ڪمبوھه ۽ ٻين اسڪول پھچي اسڪول جي استاد کي وڻ وڍڻ ۽ وڪرو ڪرڻ تي روڪيو ۽ ڪاٺ سان ڀريل ڊاٽسن کي روڪي عمرساند پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس ڊاٽسن کي ڪاٺ سميت ٿاڻي تي آندو. ڳوٺاڻن استاد جي اھڙي عمل خلاف احتجاج ڪندي چيو ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول ابراهيم شاھه جي استاد اسڪول اندر وڻن کي وڍي مال غنيمت سمجھي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جنهن خلاف قدم کنيو وڃي. هوڏانھن اسڪول جي ھيڊ ماستر معشوق شاھه ٻڌايو ته طوفاني ھوائون لڳڻ سبب وڻ ڪري پيا ھئا، مون صفائي پئي ڪرائي، باقي وڻ وڪرو ناهن ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button