پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ تي حملي خلاف سڄاڻ ڌرين جو ڌرڻو

مٺي: مٺي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ايس ٽي پي ضلعي صدر گهنشام مالهي ۽ سندس پٽن تي قاتلاڻي حملي ۽ بااثر قبضا خورن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي، جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن شاهنواز هنڱورجو، گهنشام مالهي، لالا مهيش سنڌي، ڊاڪٽر غلام الله بچاڻي، راهول شرما ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير چوڪ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھر ۾ سرڪاري زمين تي قبضاخور غريب ۽ پورهيت عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، قبضا مافيا ايس ٽي پي اڳواڻ گهنشام مالهي ۽ سندس پٽن تي قاتلاڻو حملو ڪري ناانصافي ڪئي، جن کي گرفتار ڪري متاثر ڌر سان انصاف ڪيو وڃي. هنن چيو ته شھر جي چوطرف زمينن تي قبضن ۽ حملن ۾ ملوث شخص پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جو ويجهو مائٽ آھي، جنهن جي مهيش ملاڻي سرپرستي ڪري ٿو، ملاڻين جي خاندان جي ڀڳت مهراجن اڳيان ڪنهن جي سروي يا سرڪاري زمين محفوظ ناهي، جيڪي زمين تي قبضا ڪري پلاٽ وڪرو ڪن ٿا ۽ ڪنهن به پورهيت کي گهر اڏڻ لا ملاڻين جي اجازت سان مشروط ڪيو ويو آھي. هنن چيو ته ايس ٽي پي اڳواڻ ۽ سندس پٽن جي پلاٽن تي قبضو ڪري کين رتورت ڪيو ويو، پر روينيو ڪامورا ۽ پوليس اقتداري ڌر ۾ ويٺل قبضا مافيا جي ڪمدار بڻيل آھي، حملي جو ڪيس نه ٿو ورتو وڃي. هنن گهر ڪئي ته شھر جي چوطرف ڀڳت مهراجن ۽ سندن ٽولي جا سرڪاري زمين تي قبضا ختم ڪرائي کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ ايس ٽي پي اڳواڻن تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button