پاڪستانسنڌ

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن تي تشدد ڪندڙ گرفتار ڪريو: امير آزاد پنهور

کورواهه: ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنهور ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته جوابدار فوري گرفتار ڪري سنڌي شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاگردن جي روپ ۾ سنڌي دشمن جميعت جي غنڊن کي لغام نه ڏنو ويو ته حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي سٿ جيڪا مڪمل علمي، ادبي سرگرميون ڪندي رهي آهي ۽ هر سال سڄي سنڌ مان نون ايندڙ شاگردن جي رهنمائي ڪري ٿي.

هن چيو ته سنڌي شاگردن کان جميعت کي ايڏي چڙ ۽ تڪليف ڇو آهي جو هنن پهرين ڀتين تي لکيل لطيف جا بيت ڊاهيا ۽ پو سيڪيورٽي ادارن جي موجودگي ۾ شاگردن تي تشدد ڪري کين زخمي ڪيو، هي اها ئي جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ آهي، جنهن پهريون ڀيرو ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪلاشنڪوف جو نما ڪيو هو. يونيورسٽي انتظاميه فوري طور تي ملوث جوابدارن خلاف قدم کڻي نه ته معاملا گهڻو اڳتي وڌي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button