پاڪستانسنڌ

هالا ۾ جشن آزادي جي جي موقعي تي چٽاڀيٽي جو پروگرام

ھالا: پاڪستان جي جشن آزادي جي 75 هين سالگرھه جي موقعي تي گورنمينٽ انسٽيٽوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن ھالا ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنھن ۾ تقريري ۽ ڪوئز مقابلا منعقد ڪرايا ويا. تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ سان ڪئي ويئي، ان بعد شاگردن نعتون ۽ قومي نغما پيش ڪيا.

تقريري مقابلي ۾ پھريون نمبر رياض حسين حاصل ڪيو، ٻئي مرحلي ۾ ذھني چٽاڀيٽي جو پروگرام ٿيو، جنهن ۾ ٽن ٽن شاگردن تي ٻڌل ٻن ٽيمن حصو ورتو. اڪائونٽنگ ٽيم کي پھريون نمبر حاصل ٿيو. اداري جي استادن ذوالفقار ابڙي، نعيم شيخ ۽ جان محمدشاہ ۽ گورنمينٽ مونوٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ھالا جي محمد عمار قريشي ۽ ممتاز ملاح مقابلن ۾ شريڪ شاگردن ۾ انعام ورھايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button