پاڪستانسنڌ

ٽنڊوباگو ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن ۾ ڪٽوتي خلاف احتجاج

ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پگهارن ۾ ٽائون انتظاميا پاران ڪٽوتي ڪرڻ خلاف ٽائون ڪميٽي آفيس کان ريلي ڪڍي باگو واهه پل واري چوڪ تي سخاوت بلوچ، حبيب پنهور، سليم ميمڻ ۽ هيمي ڀنگي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ايمپلائز يونين جي اڳواڻن چيو ته ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا في ملازم جي پگهارن مان 5 کان 18 هزار روپيا ڪٽوتي ڪئي آهي. هنن ٻڌايو ته هر مهيني ملازمن جي پگهارن مان ناجائز ڪٽوتي ڪري غريب ملازمن جي ٻچن جي وات مان گرهه کسيو پيو وڃي. ٽائون ملازمن وزيراعلى سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر بدين کان گهر ڪئي ته غريب ملازمن جي پگهارن مان ڪيل ڪٽوتي واپس ڪئي وڃي.

ان موقعي تي ايمپلائز يونين جي اڳواڻن اعلان ڪيو ته جيستائين ڪٽوتي ڪيل رقم واپس نٿي ڪئي وڃي، تيستائين ملازم ڪم ڇڏ هڙتال ڪري روزانو علامتي بک هڙتال ڪندا. جڏهن ته ٽائون ڪميٽي جي ملازمن هڪ ڪلاڪ کانپوءِ باگو واهه پل وٽ ڌرڻو ختم ڪري ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. جتي مرزا گروپ جي اڳواڻ دلبر سنڌي ۽ مير گروپ جي اڳواڻ مير محمد بخش ٽالپر ملازمن سان گڏجي مظاهري ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايڊمنسٽريٽر اخلاق احمد جمالي ٻڌايو ته رين ايمرجنسي جي ڊيوٽي ۾ جيڪي ملازم غير حاضر هئا، انهن جون غير حاضري واريون تاريخون ڪٽيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button