پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، بي گناهه ماڻهو ماريا وڃن ٿا: عوامي تحريڪ

حيدرآباد: مهراڻ يونيورسٽي انتظاميه جي نااهلي سبب شاگرد ڪلديپ جي قتل، ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي پُرامن احتجاج تي دهشتگردن جي حملي ۽ صحافي زوهيب زرداري جي گرفتار جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ۽ نور احمد ڪاتيار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، بي گناهه ماڻهو ماريا وڃن ٿا، اغوا ڪيا وڃن ٿا، قاتلاڻا حملا ڪري بي دردي سان زخمي ڪيا وڃن ٿا، پر ڏوهارين خلاف قانون حرڪت ۾ نٿو اچي. مهراڻ يونيورسٽي انتظاميه بگ ايونٽ جي نالي ۾ بلڊ ڊونيشن ڪئمپ لڳائي شاگردن کان رت ورتو، رت وٺڻ کان پهرين ڪي به گهربل ٽيسٽون نه ڪرايون ويون ۽ نتيجي ۾ نوجوان شاگرد ڪلديپ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، هي واقعو اتفاقي نه پر مهراڻ يونيورسٽي جي انتظاميه هٿ وٺي شاگردن کي موت جي منهن ۾ ڌڪيو آهي.

اڳواڻن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي پُرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن تي جميعت جي دهشتگردن جي حملي جي جيڪا به مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. سنڌ دشمن قوتن جي وڏي عرصي کان سازش رهي آهي ته ڪراچي مان سنڌي ماڻهن کي نيڪالي ڏني وڃي. اڳواڻن چيو ته حڪمران ڌر سڄي سنڌ ۾ مخالف اميدوارن ۽ انهن جي حمايت ڪندڙن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. موجوده حڪمرانن مارشل لا جي دورن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button