اسلام آبادپاڪستان

شھباز گل جيل حوالي،جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي اپيل رد

اسلام آباد : ادارن خلاف ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شھباز گل جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي اپيل رد ڪئي وئي آھي. جڊيشل مجسٽريٽ عمر شبير ڪالهه صبح محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي شهباز گِل جي جيل موڪلي ڇڏيو. ان کان اڳ اسلام آباد پوليس شهباز گِل جي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيو ته ڊيوٽي مجسٽريٽ عمر شبير جي عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس طرفان شهباز گل جي ميڊيڪل رپورٽ پڻ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ان دوران وڪيلن جي درخواست تي شهباز گل جون هٿڪڙيون کوليون ويون، جنهن بعد هن پنهنجي قانوني ٽيم سان ملاقات ڪئي. ڪيس جي شنوائي دوران پوليس شهباز گل جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. جاچ آفيسر ٻڌايو ته شهباز گِل جي آڊيو پروگرام جي سي ڊي ورتي آهي، جيڪا ميچ ڪري وئي آهي. جڏهن ته هڪ موبائيل فون گاڏي ۾ رهجي ويو هو، ٻيو پاڻ وٽ هئس. ان موقعي تي شهباز گِل عدالت کي ٻڌايو ته مون تي تشدد ڪيو ويو، جنهن جا نشان موجود آهن. ان دوران هن قميص مٿي ڪري مبينا تشدد جا نشان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته فزيڪل چيڪ اپ ناهي ڪيو ويو. جڏهن ته وڪلين سان ملڻ به نه پيا ڏين، سڄي رات جاڳايو ويندو آهي. شھباز گل جو چوڻ ھو تھ پنهنجي فوج جي باري ۾ اهڙا بيان ڏيڻ جو سوچي به نٿو سگهان، ڪوبه غيرتمند پاڪستاني ڪڏهن به فوج خلاف نه ڳالهائيندو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير خان جدون عدالت کي ٻڌايو ته جيڪو بيان پڙهيو ويو اهو ٽرانسپرڪٽ هو، اهو نٿو ٻڌايو وڃي ته ان سازش پٺيان ڪير هو، پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻو آهي، اهو ڏسڻو آهي ته شهباز گل سچ ڳالهائي رهيو آهي يا ڪوڙ، جڏهن ته موبائيل، ليپ ٽاپ تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي. جهانگير خان جدون عدالت کي ٻڌايو ته شهباز گِل جي ڊرائيور بني گالا ۾ پناهه ڏني وئي آهي. ان دوران هن جوابدار جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا پڻ ڪئي، جنهن تي شهباز گِل جي وڪيل فيصل چوڌري اعتراض واريندي چيو ته پولي گرافڪ ٽيسٽ لاءِ فزيڪل رمانڊ جي ضرورت ئي ناهي اها هونئن به ڪرائي سگهون ٿا. عدالت جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، بعد ۾ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي جڊيشل مجسٽريٽ عمر شبير جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست رد ڪندي شهباز گل کي جيل اُماڻي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button