
اسلام آباد:نيپرا بجلي جي ورهاست واري ڪمپنين (ڊسڪوز) لاءِ بجلي 9 رُپيا 90 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي. نيپرا طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب جون جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ ( ايف سي اي ) جي مد ۾ 9 رُپيا 90 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي گارنٽي (سي پي پي اي جي ) 9 رُپيا 91 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي، پهرين مئي جو فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ واهپيدارن کان 7 رُپيا 91 پئسا چارج ڪئي وئي هئي جيڪا رڳو هڪ مهيني لاءِ هئي. نيپرا جو چوڻ آهي ته جون جو ايف سي اي مئي جي ڀيٽ ۾ هڪ رُپيو 99 پئسا آگسٽ ۾ گهٽ چارج ڪيو ويندو. جون جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسمنٽ رڳو آگسٽ ميهني جي بلن تي لاڳو ٿيندو. نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ واهپيدار ان کان آجا هوندا.