اسلام آبادپاڪستان

جسٽس فائز ڪيس ۾ اي آر يو ۽ ايف بي آر خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ۾ پنهنجن اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ تي اثاثا ريڪوري يونٽ ۽ ايف بي آر جي سربراهن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي ڪابينا اي آر يو ۽ ايف بي آر جي سربراهن ۽ اختيارين تي ذميواري جون تعين ڪرڻ لاءِ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ قانون وارو وزير باڊي جو ڪنوينر هوندو. جڏهن ٻين ميمبرن ۾ ناڻي وارو وزير، سماجي تحفظ جو وزير، مواصلات وارو وزير، آءِ ٽي وزير، تعليم وارو وفاقي وزير، دفاعي پيداوار وارو وزير، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وارو وزير، منشيات ٽوڙ وارو وزير ۽ وزير اعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت صلاحڪار شامل آهن. قانون ۽ انصاف ڊويزن ڪابينا جي تازي اجلاس ۾ بريفنگ ڏني هئي ته صدر عارف علوي 20 مئي 2019ع کي آئين جي آرٽيڪل 209-5 تحت سپريم جڊيشل ڪونسل لاءِ جسٽس عيسيٰ خلاف ريفرنس جي منظوري تي صحيح ڪئي هئي. ڪابينا ميمبرن اي آر يو طرفان ان معاملي جي جاچ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جنهن جو ان کي ڪو اختيار نه هو، ميمبرن اهو پڻ مطالبو ڪيو ته ان وقت جي احستاب واري صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏوگڏ اي آر يو ايف بي آر جي اختيارين جو احتساب ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button