پاڪستانسنڌ

گردشي قرض گهٽائڻ لا تيل ۽ گيس جا پاور پلانٽ بند،لوڊشيڊنگ وڌي وئي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ۽ پاور ڊويزن گردشي قرض گهٽائڻ لا آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ تيل ۽ گيس جا پاور پلانٽ بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ اضافو اچي ويو آهي. پاور ڊويزن مطابق ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي کوٽ سبب ڪيترائي پاور پلانٽ بند آهن، هن وقت بجلي جي طلب 28 هزار 200 ميگا واٽ ۽ پيداوار صرف 21 هزار 800 ميگا واٽ آهي، اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 800 ميگا واٽ تي پهچي ويو آهي. ذريعن موجب گردشي قرضن ۾ گهٽتائي لاءِ تيل ۽ گيس جا پاور پلانٽ بند ڪيا ويا آهن، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ اهي پلانٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد شهرن ۾ روزانو سراسري 5 ڪلاڪ ۽ ڳوٺن ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button